دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سون ڪهڙي ملڪ جي عورتن وٽ آهي؟

هر عورت کي سون پائڻ جو شوق هوندو آهي، شادي هجي يا ڪا ٻي دعوت، عورت سون بنا پاڻ کي اڻ پوري سمجهندي آهي.
پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سون ڪهڙي ملڪ جي عورتن وٽ آهي؟
آڪسفورڊ گولڊ گروپ جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سون ڀارت جي عورتن وٽ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڀارت سون جو هڪ وڏو مرڪز آهي، جتي عورتن وٽ ڀارت جي سون جي مجموعي ذخيري جو 40 سيڪڙو حصو موجود آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي عورتن وٽ دنيا جو 11 سيڪڙو سون موجود آهي، جيڪو 24 هزار ميٽرڪ ٽن ٿئي ٿو.
رپورٽن موجب آمريڪا وٽ 8 هزار 133 ٽن، جرمني وٽ 3362 ٽن، اٽلي وٽ 2451 ٽن، فرانس وٽ 2436 ٽن ۽ روس وٽ 2298 ٽن سون آهي.
جيڪڏهن انهن سڀني ملڪن جو سون گڏ ڪيو وڃي ته به ڀارتي عورتن وٽ انهن ملڪن جي گڏيل سون کان ڪيترو ئي وڌيڪ سون موجود آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڀارت جي رياست تامل ناڊو وٽ ڀارت جو 28 سيڪڙو سون موجود آهي.
رپورٽ موجب ڀارتي عورتن وٽ موجود سون جو اهو ذخيرو ڀارت جي جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.