بيجينگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪي فوجي ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
چين جي حڪومت ان قدم کي پنهنجي قومي مفادن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي.
انهن پابندين جي نتيجي ۾ اهي ڪمپنيون هاڻ چين ۾ ڪاروبار نٿيون ڪري سگهن ۽ انهن جي چين جي مارڪيٽ تائين پهچ محدود ٿي ويندي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ چيو آهي ته آمريڪا طرفان تائيوان کي فوجي امداد فراهم ڪرڻ چيني خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي ۾ مداخلت آهي.
چيني ترجمان وڌيڪ چيو ته انهن ڪمپنين جا چين ۾ سڀ اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪا طرفان تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي چين جوابي قدم کڻندو.
اهي پابنديون اهڙي وقت لاڳو ڪيون ويون آهن، جڏهن آمريڪا طرفان چين خلاف فوجي ۽ واپاري پابنديون لڳائي ويون هيون.
Next Post
You might also like