سنچورين (ويب ڊيسڪ) سنچورين ٽيسٽ ۾ پاڪستان طرفان مليل 148 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ڏکڻ آفريقا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 27 رنسون ٺاهي ورتيون، پروٽيز کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 121 رنسن ۽ پاڪستان کي 7 وڪيٽن جي ضرورت آهي.
سنچورين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان ٽيم ٻي اننگز ۾ 237 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريقا کي ڪاميابي لاءِ 148 رنسن جو هدف مليو، پاڪستان طرفان سعود شڪيل 84 ۽ بابر اعظم 50 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ڏکڻ آفريقا جي مارڪو جانسن 6، ربادا 2، بوسچ ۽ پيٽرسن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقا جي شروعات سٺي نه رهي ۽ ميزبان ٽيم 19 رنسن تي ٽي وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، ٽوني ڊي زورزي ٻه، ٽرسٽن سٽبز هڪ رنس ٺاهي، جڏهن ته ريان ريڪلٽن کاتو ئي نه کوليو، پاڪستان طرفان محمد عباس ٻه ۽ خرم شهزاد هڪ وڪيٽ ورتي.
ڏکڻ آفريقا جو اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي 27 تي پهتو ته ٽئين راند جي راند ختم ٿي وئي، ايڊم مارڪرم 20 ۽ ڪپتان ٽيمبا باووا بنا ڪنهن اسڪور جي ڪريز تي موجود رهيا.
ڏکڻ آفريقا کي پهرين ٽيسٽ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 121 رنسن جي ضرورت آهي، جڏهن ته پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 7 وڪيٽون گهربل آهن.
You might also like