ڪراچي ( رپورٽر )ايف آءِ اي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي انساني اسمگلنگ جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ ڀارتي ايجنٽ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايجنٽ سميت 4 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن ۾ حسيب احمد، قيصر احمد، عثمان علي ۽ ايجنٽ عبدالشڪور شامل آهن، جن جو تعلق فيصل آباد، چنيوٽ، گوجرانوالا ۽ ننڪانه صاحب سان آهي. انساني اسمگلر عبدالشڪور ٻين جوابدارن کي پولينڊ موڪلڻ جي نالي تي 14 لک رپيا في ماڻهوءَ جا معاهدا ڪيا، جوابدار ايجنٽ کي 2 لک 50 هزار رپيا في ماڻهو ايڊوانس پڻ ڏنو، جوابدار آذربائيجان مان غير قانوني طور پولينڊ وڃڻو هو. انساني اسمگلر عبدالشڪور موجب شروعاتي جاچ ۾ سندس موبائل فون مان اهم ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. جوابدار عبدالشڪور ٻين جوابدارن جي ويزا آذربائيجان مان زم زم ٽريول شانگلا هل مان حاصل ڪئي، جوابدار عبدالشڪور ڀارتي ايجنٽ سان رابطي ۾ هو، آذربائيجان ۾ رهندڙ گوتم شرما نالي ڀارتي ايجنٽ جوابدار کي آذربائيجان کان غير قانوني طور پولينڊ موڪلڻ وارو هو. جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.
ڪمزور نه سمجهيو وڃي: طالبان جي پاڪستان کي تنبيهه
اسلام آباد (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي پڪتيڪا ۾ تازي بمباري کانپوءِ پاڪستاني حڪومت تي زور ڀريو ته سندن حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي. اهو ڪو بهادري جو عمل ناهي جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن کي نشانو بڻايو ويو. امير خان متقي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان افغانستان کي گهٽ سمجهي ٿو ته تاريخ مان سبق سکندي سويت يونين، آمريڪا ۽ نيٽو جي حال تي نظر وجهي. ياد رهي ته ان کان اڳ افغانستان جي صوبي پڪتيتا جي چئن علائقن ۾ بمباري جا اطلاع سامهون آيا هئا.
ملڪ ۾ سخت ٿڌ، ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو 8 تائين پهچي ويو
ڪوئيٽا(م ڊ)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي،ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم سخت ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ سان بلوچستان ۾ گرمي پد ڪاٽو 8 تائين پهچي ويو آهي. موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا وادي ۽ قلات ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪاٽو 7 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته سڀ کان گهٽ گرمي پد ڪاٽو 7 تائين رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوئيٽا ۾ ٿڌيون هوائون هلڻ سبب روڊن تي بيٺل پاڻي ڄمي ويو،