آذربائيجان جي قازقستان ۾ تباهه ٿيندڙ جهاز کي ڪنهن نشانو بڻايو؟ وڏي دعويٰ سامهون اچي وئي

باڪو (ويب ڊيسڪ) آذربائيجان جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته قازقستان ۾ تباهه ٿيندڙ جهاز کي روسي هوائي دفاعي نظام نشانو بڻايو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، آمريڪي اختيارين به جهاز کي ميزائل ذريعي نشانو بڻائڻ واري جو اشارو ڏنو آهي.
رپورٽ موجب، جهاز ان علائقي کان پنهنجو رُخ تبديل ڪيو جتي روسي دفاعي نظام لڳل آهي.
قازقستان جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز حادثي جي جاچ في الحال ڪنهن نتيجي تي ناهي پهتي.
واضح رهي ته آذربائيجان جو مسافر جهاز قازقستان جي شهر اڪتائو ويجهو ڪِرڻ سبب 39 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.