راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري هلندڙ سال نومبر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پُرتشدد احتجاج کي سياسي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو احتجاج 2014 ۾ پارليمنٽ ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي عمارتن ۽ 9 مئي جي پرتشدد واقعن منفي سياست ۽ تشدد جو سلسلو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهي ۽ وڙهي رهي آهي.
جمعي ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کان سواءِ ان احتجاج کي ”نومبر سازش“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ”ان جي پٺيان سياسي دهشتگردي واري سوچ هئي.“
پريس ڪانفرنس دوران پاڪ فوج جي ترجمان ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال، سڪيورٽي آپريشنز، سرحدي صورتحال ۽ صحافين پاران پڇيل سياسي سوالن جا به جواب ڏنا.
نوَ مئي جي پرتشدد احتجاج بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوجي عدالتن ۾ ثبوت ۽ شاهدين موجب اهي سڀ ماڻهو جيڪي ڏڦيڙن ۾ ملوث هئا، انهن کي سزائون ٻڌائڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.
هن چيوته 9 مئي بابت جيڪو پاڪ فوج جو نظريو آهي اهو انتهائي واضح آهي. هي پاڪ فوج جو ڪيس ناهي، پر عوام جو ڪيس آهي. جيڪڏهن ڪو هٿياربند گروهه يا پرتشدد ٽولو پنهنجي مرضي سان پنهنجي سوچ مڙهڻ چاهي ۽ ان کي آئين موجب نه روڪيو وڃي، ته پوءِ اسان هن سماج کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون؟
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ به جيڪي نوَ مئي بابت ڪيس آهن اِهي به منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجن ۽ منصوبو ٺاهيندڙ ۽ ملوث ڪردارن کي به سزا ملڻ گهرجي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ اهڙي منفي سياسي کي گنجائش فيڪ نيوز سبب ملي رهي آهي جنهن جو واضح مثال نوَ مئي کي ” فالڪس فليگ آپريشن“ قرار ڏيڻ يا ان جو ذميوار فوج يا ٻين ادارن کي قرار ڏيڻ آهي.
پريس ڪانفرنس دوران ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته گذريل پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال سڀ کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا آهن، پاڪ فوج دهشتگردي جي ڪيترن ئي منصوبن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو ۽ سندن قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا.
هن ٻڌايو ته سال 2024 ۾ انتهائي گهربل دهشتگردن جي ڪيئي ئي وڏن نالن سميت 925 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، آپريشنز دوران73 انتھائي گهربل دهشتگردن کي ماريو ويو. ان کانسواءِ ٻن آپگهاتي بمبارن کي گرفتار ڪيوويو، 14 گهربل دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪيا، جڏهن ته 383 آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي، پر افغانستان جي سرزمين کان دهشتگرد پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن، ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان بچڻ لاءِ پرعزم آهيون.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڀارت جي ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته والاريل ماٿري ۾ ڀارتي ظلم جو داستان دنيا جي آڏو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪ فوج والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ آهي.
هن ٻڌايو ته ڀارت ٻين ملڪن ۾ سکن جي قتل ۾ به ملوث آهي ڀارت ۾ سازش تحت اقليتن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي قانوني، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ اسان جو اصولي موقف آهي.
هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور خلاف پوري قوم ادارن سان گڏجي وڙهڻو پوندو ڇو ته محفوظ پاڪستان ئي پاڪستان آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي، ڀتا خوري ۽ سمگلنگ جو اربين رپين جو اسپيڪٽرم موجود آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن انصاف، تعليم، صحت ۽ گڊ گورننس هوندي، دهشتگردي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن ته دهشتگردي ۽ ڏوهه جو ڳٺ جڙ ختم ٿيندو،
هن چيو ته اٺ لک کان وڌيڪ غير قانوني ترسيل افغانين کي واپس موڪلي ويو آهي، ملڪ جي ڊجيٽل سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، احساسِ محرومي جو ڪوڙو، مصنوعي بيانو گهڙيو پيو وڃي، بلوچستان ۾ احساسِ محرومي جو ڪوڙ وائکو ٿي رهيو آهي.
Next Post
You might also like