آسٽريلوي ميڊيا ڪوهلي کي مسخرو، ڊڄڻو ۽ روئڻو قرار ڏئي ڇڏيو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پاران آسٽريلوي بيٽر سيم ڪونسٽاس کي ٽڪر هڻڻ تي مقامي ميڊيا مسخرو قرار ڏئي ڇڏيو.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ويرات ڪوهلي کي آسٽريلوي اوپنر سيم ڪونسٽاس سان وچڙڻ ۽ ڏند چڪ ڏيڻ کانپوءِ آسٽريلوي ميڊيا تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
آءِ سي سي ان معاملي تي ڪارروائي ڪندي ڪوهلي مٿان ميچ فِيس جو 20 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪندي کيس هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ ڏني.
آسٽريلوي اخبار جي هيڊ لائين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪوهليءَ کي مسخرو چيو ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ڪوهليءَ کي مسخرو لکڻ تي اسٽار بيٽر جي بي عزتي قرار ڏنو آهي،
آسٽريلوي ميڊيا ويرات ڪوهلي کي مليل سزا تي خوش نه هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميچ جي معطلي جو مطالبو ڪيو هو ۽ ڪوهلي جي رويي تي کيس ڊڄڻو ۽ روئڻو ٻار قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.