ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ جو پهريون پوسٽر رليز ڪيو ويو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي ڇانئجي ويو.
ساجد ناڊياڊوالا جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ ان فلم کي اي آر مروگاداس ڊائريڪٽ ڪيو آهي، جيڪو سلمان خان کي هڪ نئين ۽ شاندار انداز ۾ پيش ڪندو.
رليز ٿيل پوسٽر ۾ سلمان خان کي هڪ پروقار ۽ طاقتور انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي،. پوسٽر سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ شوقينن جي بيچيني وڌائي ڇڏي آهي.
فلم جي ٽيزر سڀاڻي جاري ٿيندو، جڏهن ته فلم کي 2025 ۾ عيد جي موقعي تي رليز ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like