بڊعيدن ڀرسان نوجوان قتل

پڊعيدن (رپورٽر) پڊعيدن ڀرسان قاتلاڻي حملي ۾ نوجوان مارجي ويو.
ڳوٺ حاجي حمزا خان بروھي لڳ قاتلاڻي حملي ۾ نادر علي پٽ اميد علي جمالي سخت زخمي ٿي پيو، رورل هيلٿ سينٽر پڊعيدن پهچايو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب نوجوان کي ذاتي دشمني تي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.