ميلبورن (ويب ڊيسڪ) سيم ڪونسٽاس 4 ھزار 4 سئو 83 بالن ۽ 1445 ڏينهن بعد نيٺ جسپريت بمرا جي بال کي بائونڊري لائين جي پار پهچائي ڇڏيو.
اٽڪل 19 سال جي عمر ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ سيم ڪونسٽاس آسٽريليا جي تاريخ ۾ چوٿون گهٽ عمر وارو رانديگر آھي، 1953ع ۾ ائن ڪريگ کانپوءِ سڀ کان گهٽ عمر ۾ ٽيسٽ کيڏڻ جو اعزاز حاصل هو جيڪو 71 ورهين تائين قائم رهيو.
پنهنجي ٽيسٽ ڊيبيو دوران ٻن ناڪام ڪوششن کانپوءِ ستين اوور ۾ جسپريت بمرا جي بال کي ٽي ڀيرا ريورس اسڪوپ ذريعي بائونڊريءَ جو سير ڪرايو.
ان ئي اوور دوران هن بمرا کي ڇڪو به هنيو، جيڪو ڊگهي فارميٽ ۾ 2021ع واري سڊني ٽيسٽ کانپوءِ بمرا خلاف لڳندڙ پهريون ڇڪو هو.
ڪونسٽاس، فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ نيو سائوٿ ويلز جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ ڪل 11 ميچون کيڏيو آھي، جتي ھن 2 سينچريون ۽ 3 اڌ سينچرين جي مدد سان 718 رنسون ٺاهيون آھن ۽ سندس بيٽنگ ايوريج 42.23 آھي.
ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي گذريل مهيني آسٽريليا اي لاءِ انڊيا اي خلاف ناٽ آئوٽ 73 رنسون ٺاهيندڙ ڪونسٽاس عالمي ڪرڪيٽ ۾ ايندي ئي ڇائنجي ويو آھي.