سينچورين (ويب ڊيسڪ) باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان ٽيم پهرين اننگز ۾ 211 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڏکڻ آفريڪا پهرئين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 82 رنسون ٺاهي ورتيون.
سينچورين ۾ جاري سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلوڪيو، جتي ميزبان بالرن گهرو ڪنڊيشن جو ڀرپور فائدو وٺندي پاڪستان بيٽرز گهڻي دير وڪيٽ تي ٽِڪڻ نه ڏنو.
پاڪستان طرفان ڪپتان شان مسعود ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي.
قومي ٽيم پهرين وڪيٽ 36 جي مجموعي اسڪور تي شان مسعود جي صورت ۾ ڪِري.
صائم ايوب 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، تجربيڪار بيٽر بابر اعظم ٽيم جي مجموعي اسڪور ۾هڪ رنسن جي اضافي بعد چار رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
پاڪستان جو چوٿون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر نائب ڪپتان سعود شڪيل هو، هن 14 رنسون ٺاهيون.
پنجين وڪيٽ تي ڪامران غلام ۽ محمد رضوان وچ ۾ 81 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، ڪامران غلام 54 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ڪامران غلام جي آئوٽ ٿيندي ئي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضون رڳو پنج رنسن جي اضافي بعد 27 رنسون ٺاهي پويلين روانو ٿيو.
سلمان علي آغا ۽ عامر جمال ڪجهه مزاحمت ڏيکاري ۽ ستين وڪيٽ لاءِ 53 بالن تي 47 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ٽيم جو ٽوٽل 189 تائين پڄايو.
سلمان علي آغا 18 ۽ عامر جمال 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن بعد نسيم شاهه کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.
پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيندڙ بيٽر خرم شهزاد هو جيڪو 11 رنسون ٺاهي سگهيو، اهڙي طرح سموري پاڪستاني ٽيم 211 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا جي ڊين پيٽرسن پنج شڪار ڪيا جڏهن ته ڪوربن بوش چار ۽ مارڪو جنيسن هڪ وڪيٽ ورتي.
ڏکڻ آفريڪا پهرئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 82 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، ايڊن مارڪرم 47 ۽ ڪپتان ٽمبا باووما 4 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن.
پاڪستان طرفان خرم شهزاد ٻه ۽ محمد عباس هڪ وڪيٽ ورتي.