پي ايس ايل 10: ڪهڙن پرڏيهي رانديگرن رجسٽريشن ڪرائي ورتي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين سيزن لاءِ بنگلاديشي سپر اسٽار فاسٽ بالر مستفيض الرحمان به رجسٽريشن ڪرائي ورتي.
ان کان اڳ انگلش اوپنر جيسن راءِ به پي ايس ايل جي ڏهين سيزن لاءِ سائن اپ ڪري چڪو آهي، هو ان کان اڳ به ليگ جو حصو رهي چڪو آهي.
ان کانسواءِ آسٽريليا جو عثمان خواجا ۽ انگلينڊ جو ڊيوڊ وِلي به پي ايس ايل لاءِ رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي رجسٽرين وارو عمل جاري آهي، پي ايس ايل جي ڊرافٽنگ تقريب ايندڙ سان 11 جنوري تي بلوچستان جي شهر گوادر ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.