چين ۾ نوجوان ڇوڪرين جي عجيب حرڪت ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون.
چيني ڇوڪريون جعلي ڳورهاريون بڻجي فوٽو شوٽ ڪرائڻ لڳيون، ان فوٽو شوٽ پويان ڇوڪرين جو منطق آهي ته اهي في الحال شادي نه پيون ڪن پر پنهنجي حمل جي فوٽو شوٽ ۾ سمارٽ ۽ خوبصورت نظر اچڻ چاهين ٿيون.
ڇوڪرين موجب جيڪڏهن اهي 30 سالن جي عمر ۾ ڳورهاريون ٿي وينديون ته سندن چهرن تي گُهنج اچي ويندا پر هو 26 سالن جي عمر ۾ جوان نظر اينديون، تنهن ڪري هو اڳواٽ ئي جعلي ڳورهاريون بڻجي فوٽو شوٽ ڪرائي رهيون آهن ۽ اهي تصويرون تڏهن پوسٽ ڪنديون، جڏهن حقيقت ۾ ڳورهاريون ٿينديون ته جيئن سمارٽ ۽ خوبصورت نظر اچن.
ڇوڪرين جي اهڙي حرڪت تي سوشل ميڊيا واهپيدار تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪجهه واهپيدارن طنز ڪندي لکيو ته توهان پنهنجي آخري رسمن لاءِ لاش بڻجي به فوٽو شوٽ ڪرائي ڇڏيو.
ان ميٽرنٽي فوٽو شوٽ ۾ ڇوڪريون فرضي بي بي بمپ لڳائي اصلي فوٽو شوٽ ڪرائي رهيون آهن، جڏهن ته ان ٽرينڊ کي ماڻهو قبول نه پيا ڪن ته غير شادي شدا ڇوڪريون ڳورهاريون بڻجي فوٽو شوٽ ڪرائين، جيڪو به فوٽو ڏسي رهيو آهي اهو تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ تعجب جو اظهار ڪري رهيو آهي ته ڪهڙو دور اچي ويو آهي.
ڪهڙو دور اچي ويو، ڪنواريون ڇوڪريون ڳورهاريون بڻجي فوٽو شوٽ ڪرائڻ لڳيون، ماجرو ڇا آهي؟
You might also like