ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا پاران 10 ورهيه اڳ گم ٿيل جهاز جي ٻيهر ڳولا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
جهاز 8 مارچ 2014 تي ڪوالالمپور کان بيجنگ لاءِ روانو ٿيو ۽ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو.
ملائيشيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير چيو آهي ته ملائيشيا ايئر لائنز جي اڏام ايم ايڇ 370 جي ملبي جي ڳولا ٻيهر شروع ڪئي ويندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڏام ايم ايڇ 370 بوئنگ 777 جهاز آهي، جنهن ۾ 227 مسافر ۽ 12 عملو سوار هئا، جهاز 8 مارچ 2014 تي ڪوالالمپور کان بيجنگ لاءِ روانو ٿيو هو ۽ پراسرار طور تي غائب ٿي ويو هو.
سيٽلائيٽ ڊيٽا موجب جهاز آخري ڀيرو پرٿ، آسٽريليا جي اولهه ۾ هندي سمنڊ جي مٿان ڏٺو ويو هو.
رپورٽ موجب، ملائيشيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير انٿوني لوڪ هڪ ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته اوشن انفنيٽي سان هڪ معاهدو ٿي ويو آهي ته هو گم ٿيل جهاز جي ڳولا کي ٻيهر شروع ڪري جيڪڏهن جهاز جو ملبو مليو ته کين 70 ملين ڊالر ڏنا ويندا.
اڏام ۾ 150 کان وڌيڪ چيني مسافر سوار هئا، جن جي مائٽن ملائيشيا ايئرلائنز ۽ بوئنگ جهاز جي انجڻ ٺاهيندڙ ڪمپني رولز روائيس ۽ اليانز انشورنس گروپ کان معاوضو طلب ڪيو آهي.
ملائيشيا ايئر لائنز جي اڏام ايم ايڇ 370 جي ڳولا جو ڪم هوائي تاريخ جي پاڻيءَ هيٺ سڀ کان وڏو آپريشن هو ۽ جنهن ۾ آسٽريليا، ملائيشيا ۽ چين شامل هئا.
Prev Post
You might also like