عمر جي وڏي ٿي لڳين، سوناڪشي کي فلم مان ڪڍرائيندڙ اداڪار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي ۾ هڪ اداڪار مون سان گڏ ڪم ڪرڻ کان صرف انهيءَ ڪري انڪار ڪيو هو جو آئون هن کان وڏي لڳندي هيس.

تازو ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ سوناڪشي سنها ٻڌايو ته بالي ووڊ ۾ عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي، پر ماضي ۾ هڪ اداڪار مون سان صرف اهو چئي فلم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته مان هن کان وڏي لڳندي هيس.

اداڪارا، اداڪار جو نالو ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪندي، ان رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿي جو مون کي اهڙي اداڪار سان ڪم ڪرڻو نه پيو. مون کي به اهڙن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي.

سوناڪشي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته حقيقت ۾ مان ان اداڪار کان 5 کان 6 سال ننڍي آهيان.

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا ۾ سوناڪشي سنها کي وڏي عمر جي چئي فلم مان ڪڍرائڻ واري اداڪار لاءِ رنبير ڪپور جو نالو ورتو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.