اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي بيلٽ وي گريڊ پاليسي سينٽر انهن کي غير جمهوري قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ احتجاجن سبب روزانو 190 ارب رپيا جو معاشي نقصان ٿيو، جڏهن ته رٽيل، هوٽلنگ ۽ لاجسٽڪ شعبن جي آمدني 50 سيڪڙو گهٽجي وئي.
بيلٽ وي گريڊ پاليسي سينٽر پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ پروپيگنڊا جي اثرن تي پنهنجي تحقيق جا نتيجا جاري ڪيا آهن.
ڊاڪٽر اليگزينڊرا ڪالڊويل موجب پي ٽي آءِ جي مهم جو ملڪ جي معيشت تي ناڪاري اثر پيو آهي، هن احتجاجي مظاهرن کي آءِ ايم ايف جي معاهدن تي عملدرآمد ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته پرتشدد مظاهرن دوران سرڪاري ملڪيتن کي شديد نقصان پهتو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز جو پکڙجڻ به انهن پرتشدد مظاهرن جو سبب آهي.
هن پنهنجي تحقيق ۾ چيو آهي ته احتجاجين طرفان عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ جمهوريت لاءِ پي ٽي آءِ جو پرتشدد مظاهرن جو رجحان انتهائي خطرناڪ آهي.
ڊاڪٽر اليگزينڊرا طرفان پاڪستان ۾ جاري احتجاج کي آمريڪا ۾ ٿيندڙ ڪيپيٽل هل ڏڦيڙن سان مشابهت ڏني وئي، تحقيق موجب احتجاج سبب سياحت تي به شديد ناڪاري اثر پيا آهن، جڏهن ته معاشي انگن اکرن ۾ گهٽتائي جو سبب به احتجاج سان پيدا ٿيندڙ غير يقيني صورتحال آهي.
احتجاج ۾ شامل ماڻهو انتهائي منظم حڪمت عملي تحت سموريون ڪارروائيون ڪندا آهن، جنهن سبب سماج ۾ ناڪاري، شدت پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل روين کي هٿي ملي رهي آهي.
Prev Post
You might also like