آءِ سي سي جو چيمپيئنز ٽرافي سميت 2027 تائين پاڪ-ڀارت مقابلن لاءِ ” هائبرڊ ماڊل “ جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) چيمپيئنز ٽرافي بابت ڊگهي عرصي کان جاري ڇڪتاڻ جو نيٺ حل ڳولي ورتو.
آءِ سي سي جي فيصلي موجب، پاڪستان جي ميزباني هيٺ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون فيوزن فارمولي تحت پاڪستان سميت هڪ نيوٽرل وينيو تي کيڏيون وينديون، يعني ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجون ميچون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ کيڏندي.
آءِ سي سي فارمولي موجب، 2027ع تائين ڀارت جي ميزباني هيٺ آءِ سي سي ايونٽن ۾ پاڪستان پنهنجون ميچون نيوٽرل وينيو تي کيڏندو.
اهڙي ريت ڀارت جي ميزباني ۾ وومينز ورلڊ ڪپ 2025ع جون ميچون پاڪستان نيوٽرل وينيو تي کيڏندو، آءِ سي سي جو اِهو فيصلو ڀارت ۽ سريلنڪا جي ميزباني هيٺ 2026ع ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تي به لاڳو هوندو.
آءِ سي سي موجب، پاڪستان چئن ورهين بعد هڪ ٻئي آءِ سي سي ايونٽ جي ميزباني ڪندو، پاڪستان کي 2028 جي وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڏني وئي آهي.
2028 وارو وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايندڙ سائيڪل جو پهريون آءِ سي سي ٽورنامينٽ هوندي ۽ وومين ورلڊ ۾ به پاڪستان، ڀارت جو فيوزن فارمولو اپلاءِ ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ موجب، ان کانسواءِ 2027 تائين ٻئي ٽيمون هڪٻئي جي ملڪ ۾ آءِ سي سي ايونٽ جون ميچون نيوٽرل وينيوز تي کيڏنديون ۽ نيوٽرل وينيوز جي چونڊ هاڻي ميزبان بورڊ ڪندو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تمام جلد چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي فيوزن فارمولي جي منظوري بعد چيمپيئنز ٽرافي جي ميچن لاءِ نيوٽرل وينيو بابت ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، دبئي ۽ ڪولمبو نيوٽرل وينيو لاءِ غور هيٺ آهن.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ چئن ميچن جي ميزباني لاهور کي ملڻ جو امڪان آهي، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ 3،3 ميچون ٿينديون، جڏهن ته چار ميچون نيوٽرل وينيو تي کيڏيون وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ فائنل نيوٽرل وينيو تي ٿيندو، جيڪڏهن ڀارت فائنل ۾ نه پهتو ته فائنل لاهور ۾ ٿيندو.
واضح رهي ته ڀارت جي پاڪستان جي دوري کان انڪار بعد پاڪستان پهريان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل جي تجويز رد ڪري ڇڏي هئي.
ان ڏس ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪيئي موقعن تي چوندو رهيو ته جيڪو فيصلو ٿيندو اُهو پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ هوندو.
ياد رهي ته پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي جو دفاعي چيمپيئن آهي ۽ هو فيبروري ۽ مارچ 2025 ۾ ايونٽ جي ميزباني به ڪندو.
اٺ ٽيمن تي ٻڌل ايونٽ ۾ پاڪستان سميت، ڀارت، انگلينڊ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان جون ٽيمون شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.