پارل (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪري صائم ايوب اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان برائن لارا جو 31 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ڏکڻ آفريقا خلاف پارل ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ صائم ايوب شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 109 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن ڏکڻ آفريقا خلاف سينچري اسڪور ڪرڻ کانپوءِ برائن لارا جو 31 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، صائم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف هدف ماڻيندي سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو ننڍي عمر وارو بيٽر بڻجي ويو.
صائم ايوب 22 سالن 207 ڏينهن جي عمر ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، جڏهن ته برائن لارا 1993 ۾ 23 سالن ۽ 297 ڏينهن جي عمر ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف چيز ڪندي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
Prev Post
You might also like