برسبين (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اسٽار اسپنر روي چندرن ايشون عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
برسبين ۾ آسٽريليا خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ کانپوءِ ڪپتان روهت شرما سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايشون رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته ڪرڪيٽ جي ان سفر ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ساٿي رانديگرن جا ٿورا مڃيا ٿو، اڄ سڀني فارميٽن ۾ ڪرڪيٽر طور منهنجو آخري ڏينهن هو، پنهنجي ڪيريئر دوران تمام گهڻو انجواءِ ڪيو، ڪيترائي يادگار لمحا آهن ۽ رٽائرمينٽ جا هي لمحا ڪافي جذباتي آهن.
واضح رهي ته ايشون 106 ٽيسٽ ميچن ۾ ڀارتي جي نمائندگي ڪندي 537 وڪيٽون حاصل ڪيون، هن ڀارت طرفان 116 ون ڊي ۽ 65 ٽي ٽوئنٽي ميچون پڻ کيڏيون.
You might also like