حسن جي مقابلن ۾ مرضي جو لباس پائڻ جو اختيار هوندو آهي: اريج چوڌري

اڳوڻي ”مس پاڪستان“ اريج چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته خوبصورتيءَ جي مقابلي دوران ڇوڪرين کي پنهنجو پسنديده لباس پائڻ جو اختيار هوندو آهي، جڏهن ته حسن جي مقابلي ۾ سڀني مذهبن ۽ ثقافتن جو خيال رکيو ويندو آهي.
اريج چوڌري 2020 ۽ 2021 ۾ “مس پاڪستان“ بڻي هئي، مس پاڪستان جي غير منافعي بخش تنظيم ڪينيڊا ڄا؟ي پاڪستانين جي آهي، ڄاڻايل مقابلي لاءِ پاڪستان حڪومت مدد ناهي ڪندي ۽ نه اهڙن مقابلن کي حڪومت سپورٽ ڪندي آهي.
تازو نجي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي اريج چوڌري چيو ته خوبصورتيءَ جا مقابلا ڪرائڻ واري تنظيمن جا به فوج ۽ پوليس سميت ٻين ادارن وانگر پنهنجا ضابطا هوندا آهن، انهن جا ڪجهه ضابطا انتهائي سخت هوندا آهن.
هن چيو ته خوبصورتيءَ جي مرڪزي مقابلي ”مس“ لاءِ 27 سالن تائين جي ڇوڪرين کي حصو وٺڻ جي اجازت هوندي آهي، جڏهن ته انهن جو غير شادي شده هجڻ ۽ قد 5 فوٽ 5 انچ هجڻ لازمي آهي.
سندس چوڻ هو ته خوبصورتيءَ جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو مارڪس سماجي ۽ فلاحي ڪمن تي ملنديون آهن، باقي 50 سيڪڙو مارڪس مختلف مرحلن کي طئي ڪرڻ تي ملنديون آهن.
اريج چوڌري چيو ته مقابلي دوران خاموش ۽ لڪيل جج پڻ ڇوڪرين جو پيڇو ڪري رهيا هوندا آهن، اهي انهن جو رويو، ٻين سان ڳالهائڻ جو طريقو، فيشن ۽ ٻيون شيون نوٽ ڪري مارڪون ڏيندا آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته خوبصورتيءَ جي مقابلي ۾ ٻين ملڪن جي ضابطن ۽ ثقافت سميت مذهب جو به احترام ڪيو ويندو آهي، ڪو به ڪنهن تي زبردستي ناهي ڪندو، مقابلي دوران جيڪڏهن ڪو لباس نه پائڻ چاهي ته ان تي زبردستي ناهي ڪئي ويندي ۽ پنهنجي پسند جو لباس پائڻ جو اختيار هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته مون کي ننڍپڻ کان ئي اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو، مس پاڪستان چونڊجڻ کانپوءِ مون کي پاڻمرادو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ جون آڇون ٿيڻ لڳيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.