سينيئر اداڪار منوج باجپائي پارٽين ۾ نه وڃڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار منوج باجپائي انڪشاف ڪيو آهي ته هاڻي مون کي بالي ووڊ پارٽين ۾ دعوت ناهي ملندي.
تازو ئي هڪ ڀارتي ٽي وي شو ۾ ڳالهه ٻولهه دوران منوج باجپائي بالي ووڊ پارٽين ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب ٻڌايو.
هن چيو ته منهنجو ڪنهن سان ڪو تڪرار ناهي پر مان ڪنهن پارٽي ۾ نه ويندو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو هاڻ مون کي دعوت به نٿا ڏين، ڇو ته هنن کي خبر پئجي وئي آهي ته مان شرڪت نه ڪندس.
سندس چوڻ هو ته مهرباني ڪري مون کي سڏ نه ڏيندا ڪيو، ڇو ته مان رات 10 وڳي سمهي پوندو آهيان ۽ سدائين پنهنجي صبح جو انتظار ڪندو آهيان.
منوج باجپائي چيو ته بالي ووڊ انڊسٽري ۾ نه منهنجا گهڻا دوست آهن ۽ نه ئي مان گهڻن ماڻهن سان ملندو آهيان، جيڪي ماڻهو مون کي نٿا سڃاڻين، اهي سمجهن ٿا ته مان ڪو مغرور آهيان پر هڪ دفعو جيڪو مون کي سڃاڻيندو ته ان کي منهنجي عادت سمجهه ۾ اچي ويندي.
هن چيو ته مان هڪ شڪرگذار انسان آهيان پر منهنجي عزت پهرين ترجيح آهي، مان پنهنجي پرائيويسي جي سخت حفاظت ڪرڻ پسند ڪندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.