جو روٽ ليجنڊري ڪرڪيٽر جاويد ميانداد جو اهم رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

هيملٽن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار بيٽر جو روٽ پاڪستان جي اڳوڻي ليجنڊري ڪرڪيٽر جاويد ميانداد جو اهم ٽيسٽ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ روٽ 54 رنسون ٺاهيون، جنهن دوران هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نيوزيلينڊ خلاف سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو.
روٽ هن وقت تائين نيوزيلينڊ خلاف 40 ٽيسٽ اننگز ۾ 1925 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان جاويد ميانداد وٽ هو، جنهن 29 ٽيسٽ اننگز ۾ 1919 رنسون ٺاهيون هيون.
واضح رهي ته روٽ انگلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪندڙ بيٽسمين پڻ آهي، هن 152 ٽيسٽ ميچن ۾ 12 هزار 972 رنسون اسڪور ڪيون آهن.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ ڀارت جي سچن ٽنڊولڪر وٽ آهي، جنهن 200 ميچن ۾ 15921 رنسون ٺاهيون.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمينن جي فهرست ۾ هن وقت روٽ پنجين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.