پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هڪ مهيني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.
پشاور هاءِ ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي ڪيسن جي تفصيلن لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ وڏو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت ٻڌڻي کانپوءِ علي امين گنڊاپور جي هڪ مهيني لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
Prev Post
Next Post
You might also like