ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي نمائندن کانسواءِ سول سوسائٽي جا ماڻهو به شريڪ ٿيا.
احتجاج ڪندڙن چيو ته وڏو وزير فوري طور اورنگي ۽ گجر نالي متاثرن جي سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل آئيني پٽيشن تي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، متبادل گهرن جي تعمير لاءِ ڏني ويندڙ رقم تي شرط لاڳو نه ڪيا وڃن ۽ رقم هڪ وقت ۾ ادا ڪئي وڃي، گڏوگڏ متبادل پلاٽن جي ليز جلد ڏني وڃي.
هنن چيو ته وڏي وزير کي ٻن سالن اندر متاثرن کي گهر تعمير ڪري ڏيڻا هئا، جيڪي مقرر وقت کان پوءِ به فراهم ناهن ڪيا ويا، ٻن سالن تائين مسواڙ جي مد ۾ رقم ڏني وئي پر هاڻ 4 سال گذرڻ باوجود ڪنهن به رقم جي ادائيگي ناهي ڪئي وئي، تنهن ڪري اها رقم به فوري طور ادا ڪئي وڃي.
You might also like