ڪرغزستان ۾ روڊ حادثي ۾ ٻه پاڪستاني شاگرد فوت

بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ) ڪرغزستان ۾ روڊ حادثي ۾ ٻه پاڪستاني شاگرد فوت ٿي ويا.
فوتي شاگرد وقار احمد ۽ محمد زين لطيف ڪرغزستان اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي ۾ تعليم هيٺ هئا، حادثي ۾ 3 پاڪستاني شاگرد زخمي به ٿيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني سفارتخانو فوتي شاگردن جا مڙهه پاڪستان موڪلڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.