وفاقي حڪومت آئين جي ڀڃڪڙين کان پاسو ڪري: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته وفاقي حڪومت آئين جي ڀڃڪڙين کان پاسو ڪري.
لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته وفاق 18هين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جو پلان ٺاهي رهيو آهي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌائي ته سگهجي ٿو پر گهٽائي نٿو سگهجي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت آئين جي ڀڃڪڙين کان پاسو ڪري، سنڌ کي اختيار ڏنو وڃي ته ٽيڪس وصول ڪري وفاق کي ڏئي سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.