پي ٽي آءِ جا 8 روپوش اڳواڻ اشتهاري قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي ڪلمه چوڪ تي ڪنٽينر ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 8 روپوش اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
9 مئي تي ڪلمه چوڪڪ تي ڪنٽينر ساڙڻ جي ڪيس ۾ پيش رفت سامهون اچي وئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي سماعت ٿي.
ڪيس جي ٻڌڻي جج ارشد جاويد ڪئي، عدالت پي ٽي آءِ جي 8 روپوش اڳواڻن کي اشهتاري قرار ڏئي ڇڏيو، جن ۾ اسلم اقبال، حماد اظهر، مراد سعيد، زبير خان نيازي، حامد رضا گيلاني، محمد جاويد، عبد الصمد ۽ واثق قيوم شامل آهن.
عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت نصيرآباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ پوليس جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.