ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي دهلي کان جدا ويندڙ ڀارتي اڏام هنگامي لينڊنگ ڪئي.
ايوي ايشن ذريعن موجب ڀارتي ايئر لائن جي اڏام دهلي کان جدا وڃي رهي هئي ۽ جڏهن اها پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿي ته هڪ مسافر جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن کان پوءِ پائلٽ ميڊيڪل ايمرجنسي طور فوري طور تي لينڊنگ جي اجازت گهري.
ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اجازت ملڻ کان پوءِ ڀارتي جهاز جي پائلٽ جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو، جتي ڪراچي ايئرپورٽ جي صحت واري شعبي جي عملي مسافر جو طبي معائنو ڪيو.
ذريعن موجب مسافر کي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ جهاز کي روانو ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like