پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته شهباز شريف کي هٽائڻ ۽ بلاول کي آڻڻ لاءِ ايوان صدر ۾ ڳجهيون ملاقاتون ٿي رهيون آهن.
پنهنجي بيان ۾ بيرسٽر سيف چيو ته شهباز کي هٽائڻ ۽ بلاول کي آڻڻ لاءِ ايوان صدر ۾ ڳجهيون ملاقاتون جاري آهن پر عوامي راءِ جي ابتڙ جيڪو به وزيراعظم ايندو، هو پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندو.
هن چيو ته بلاول شيرواني پائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي، پيءُ پٽ ٻئي وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ سرگرم آهن.
سندس چوڻ هو ته آصف زرداري پنهنجي پٽ کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ ڳجهي مشن تي آهي، آصف زرداري جعلي مينڊيٽ بدران اصل مينڊيٽ تي پٽ کي وزيراعظم بڻائي.
بيرسٽر سيف چيو ته ٻئي خاندان چوري ڪيل مينڊيٽ تي ڪرسي جا مزا وٺي رهيا آهن، چوري ڪيل مينڊيٽ خلاف اسان جي تحريڪ منطقي انجام جي ويجهو آهي.
Next Post
You might also like