ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي طرفان ريڪٽر اسڪيل تي 9.2 شدت جي سامونڊي زلزلي (سونامي) جي فرضي مشق ڪرائي وئي.
موسميات کاتي طرفان ڪراچي سيسمڪ سينٽر ۾ سماٽرا جي اونهي سمنڊ ۾ 9.2 شدت جي سامونڊي زلزلي جي فرضي مشق ڪرائي وئي، ان دوران ٻين ملڪن سان فرضي زلزلي کانپوءِ گڏيل رابطن ذريعي ڄاڻ جي ڏي وٺ به ڪئي وئي.
فرضي مشق ۾ ٻين ملڪن سان مواصلاتي رابطن ۽ سماجي رابطن ذريعي ڪيترن ئي مرحلن دوران زلزلي جي پيغامن ۽ ان حوالي سان ردعمل کي جاچيو ويو.
ڊائريڪٽر سيسمڪ سينٽر ڪراچي امير حيدر لغاري موجب هن سال ۾ اها سرگرمي ٻيو ڀيرو ڪئي وئي آهي.
مشق دوران سونامي وارننگ سينٽر ڪراچي جي طئي ڪيل ايس او پيز موجب سونامي بليٽنز جاري ڪيا ويا.
هن حوالي سان چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ هو ته پاڪستان هندي سمنڊ جي سونامي وارننگ نظام جي بين الحڪومتي رابطن واري گروپ جو هڪ رڪن ملڪ آهي ۽ قومي سونامي وارننگ سينٽر طور هڪ نامزد قومي اٿارٽي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن ٽيسٽنگ ڊرل مشق جو بنيادي مقصد سامونڊي برادري کي آگاھ ڪرڻ ۽ سونامي جي ڪنهن به امڪاني خطري لاءِ تيار رکڻ آهي.
You might also like