5 سالن دوران ڪيترن شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا؟

اسلام آباد: نادرا پاران پنج سالن دوران شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جا تفصيل سامهون اچي ويا.
نادرا شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجن سالن دوران 71 هزار 849 شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نادرا مختلف الزام تي شهرين جا ڪارڊ بلاڪ ڪيا، سڃاڻپ ڪارڊ تفصيلي انڪوائري جي بنياد تي بلاڪ ڪيا ويا.
رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجن سالن دوران سڀ کان وڌيڪ 25981 سڃاڻپ ڪارڊ خيبر پختونخواهه مان بلاڪ ڪيا ويا، بلوچستان مان 20583، پنجاب مان 13564 ۽ سنڌ مان 9677 ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا.
رپورٽ موجب پنجن سالن دوران اسلام آباد مان 1370، آزاد ڪشمير مان 446 ۽ گلگت بلتستان مان 228 ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا.
ان کانسواءِ نادرا پنجن سالن دوران 44460 ڪينسل ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪيا ويا، نادرا تصديقي عمل ٿيڻ تي انهن ڪارڊن کي بحال ڪيو، جڏهن ته هن وقت بلاڪ ٿيل 13618 ڪارڊن کي تصديقي عمل مان گذاريو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.