اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ باني جو ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ڪيو ويو ته اهو عالمي مسئلو بڻجي ويندو.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته پي ٽي آءِ جو اسٽريٽ پاور ختم ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ کي دٻايو ويو آهي، هاڻي ڳالھه ٻولهه جي ضرورت ناهي.
سندس موجب شهباز شريف پارليامينٽ ۾ چيو ته ڳالهيون ڪيو، ٻئي ڏينهن بشريٰ بي بي گرفتار ٿي وئي، ايم اين ايز کي اسيمبلي مان کنيو ويو ۽ اسپيڪر ڪجهه نه ڪري سگھيو، پوءِ ڪهڙيون ڳالهيون ٿين؟ حڪومت جي اها سوچ ئي ناهي ته ڳالهين سان مسئلا حل ٿين.
هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جو ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ڪيو ويو ته اهو عالمي مسئلو بڻجي ويندو، منهنجي خيال ۾ باني پي ٽي آءِ جو ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل نه ٿيندو، ملٽري ٽرائل سان اداري کي نقصان ٿيندو.
Next Post
You might also like