وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو، نالا سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب ن ليگ صدر نواز شريف پراڻن ۽ تجربي ڪار ماڻهن کي ڪابينا ۾ آڻڻ جو خواهشمند آهي، هلندڙ مهيني ئي ڪابينا ۾ واڌ جو اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ۾ 10 وڌيڪ ميمبر شامل ڪيا ويندا، جنهن لاءِ سردار يوسف، طارق فضل چوڌري، بيرسٽر عقيل، حنيف عباسي، سعد وسيم، شيخ آفتاب جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٻن عورتن کي به ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.