اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 ڊسمبر کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪچي تيل ۽ برطانوي برينٽ جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، 10 ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ۾ 63 سينٽ واڌ ٿي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪچي تيل جي 68 ڊالر 5 سينٽ في بيرل تي ٽريڊ جاري آهي، اهڙي ريت برطانوي برينٽ جي قيمت ۾ 73 سينٽ واڌ ٿي آهي ۽ ان جي 71.85 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ جاري آهي.
ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي 15 ڊسمبر تي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته حڪومت پهرين ڊسمبر تي به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي هئي.
Next Post
You might also like