سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين ٻيهر ڀرتين جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سرڪاري کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين نئين سر ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سروسز کاتي سڀني کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکي ڇڏيو ۽ هڪ ڏينهن ۾ خالي جاين جا تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
تعليم کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 4 جون 13 هزار کان وڌيڪ جايون خالي آهن، آبپاشي کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 4 جون 5 هزار 60 جايون خالي آهن.
سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين ڀرتيون ڊي آر سي تحت ٿينديون، هر ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمينٽ ڪميٽي قائم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.