ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ عالمي سيڙپڪارن کي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ان سان عوام کي سهولت ۽ سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو، سنڌ حڪومت هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي.
شرجيل ميمڻ سان پرڏيهي سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سينيئر وزير سيڙپڪارن کي ڪي سي آر، بلٽ ٽرين، بس مينوفيڪچرنگ پلانٽ، اي وي بسز، بي آر ٽيز ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، جنهن تي عالمي سيڙپڪارن دلچسپي جو اظهار ڪيو.
سيڙپڪارن ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا لاءِ گيٽ وي طور پاڪستان جي اسٽريٽجڪ فائدن جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ تمام وڏي مارڪيٽ آهي.
سيڙپڪارن جي وفد ٽرانسپورٽ منصوبن لاءِ ٽيڪنيڪي ۽ مالياتي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، شرجيل ميمڻ چيو ته سي پيڪ ۾ شامل ڪي سي آر اهم ترين منصوبو آهي، چاهيون ٿا ته سيڙپڪار ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ اي وي بسن جو پلانٽ به هڪ وڏو منصوبو آهي، ان جي قيام ۾ به سنڌ حڪومت سموريون سهولتون فراهم ڪندي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿي، ان سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن جي هر ممڪن مدد ڪندي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين يا اسپيڊ ٽرين وڏو منصوبو آهي، لکين ماڻهن کي فائدو ٿيندو، اهڙا منصوبا اسان جي ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي جديد بڻائڻ لاءِ اهم آهن، سنڌ ۾ ڪاروباري ماڻهن لاءِ ماحول هر حوالي سان سازگار آهي.
You might also like