فضل الرحمان سنجيده سياستدان آهي، عمران خان جهڙيون حرڪتون نه ڪندو: نثار کهڙو

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سنجيده سياستدان آهي ۽ پي ٽي آءِ باني جهڙيون حرڪتون نه ڪندو.
ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته مولانا فضل الرحمان پراڻو سياستدان آهي، ان جو هڪ ئي مسئلو آهي ۽ اهو آهي مدرسن جي رجسٽريشن، هو سرڪار بدران مدرسن جي رجسٽريشن تنظيم کان ڪرائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان چاهي ٿو ته پاڪستان جي تعليم برابر هجي، مان کيس سنجيده سياستدان سمجهان ٿو، هو اهڙيون حرڪتون نه ڪندو، جيڪي عمران خان ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.