اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڊي جي نيب شهزاد سليم خلاف مس ڪنڊڪٽ جي انڪوائري شروع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
نيب چيئرمين اڳوڻي ڊي جي نيب کي چارج شيٽ جاري ڪئي آهي، جنهن کي شهزاد سليم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي.
عدالت نيب کي شهزاد سليم خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته فيصلي تائين نيب پنهنجي اڳوڻي ڊي جي خلاف ڪارروائي نه ڪري.
جسٽس ارباب محمد طاهر اڳوڻي ڊي جي نيب شهزاد سليم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ جواب لاءِ 16 ڊسمبر تائين نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
You might also like