صوبي جون حالتون غلط پاليسين سبب خراب آهن: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي جون حالتون غلط پاليسين سبب خراب ٿيون.
پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي افغانستان سان ڊگهي سرحد آهي، عوام ۽ فورسز امن لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا، نوجوان نسل ئي اسان جو مستقبل آهي، تعليم بنا ڪو معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسان جي ماڻهن پاڻ مڃرايو آهي، جيڪو انسان ٻئي جي ڪاميابي تي خوش ٿيندو آهي، اهو ڪامياب ترين انسان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.