سفيان مقيم عمر گل جو 15 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان اسپنر سفيان مقيم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ پاڪستان لاءِ اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اڱاري جي ڏينهن ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي ڏهه وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
زمبابوي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستاني بالرن آڏو سندن بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 57 رنسن تي ڍير ٿي ويئي.
پاڪستان طرفان ليف آرم اسپنر سفيان مقيم شاندار بالنگ ڪندي 2.4 اوورن ۾ رڳو ٽي رنسون ڏئي پنج وڪيٽون ورتيون.
ان سان گڏ ئي سفيان پاڪستاني بالرن طرفان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان بهترين ميچ فگرز جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ان کان اڳ اِهو اعزاز فاسٽ بالر عمر گل وٽ هو جنهن 2009ع ۾ نيوزيلينڊ ۽ 2013ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڇهه رنسون ڏئي پنج رانديگر آئوٽ ڪيا هئا.
واضح رهي ته نوجوان اسپنر سفيان ست ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 14 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.