لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز تحريڪ انصاف کي دهشتگرد گروهه قرار ڏيندي ان جو خاتمو ضروري قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج نه حملا هئا، اسان جا جوان شهيد ٿيا، ڪيترائي زخمي ٿي بسترن تي پيل آهن، اڊيالا ۾ ويٺل ماسٽر مائينڊ جيل نٿو ڪاٽي سگهي، ڪنهن چيو هو ته غلط ڪم ڪيو، هاڻ جيل برداشت ڪيو.
هن چيو ته پراڻيون تصويرون ۽ وڊيوز کڻي ڪوڙ جي بازار گرم ڪئي وئي ته اسان جا ماڻهو مارجي ويا، هزار کان اڍائي سئو تي آيا، وري چون ٿا ته 12 ماڻهو آهن، هڪ ماڻهو مري يا 12 ذميوار پي ٽي آءِ آهي.
سندس چوڻ هو ته اهي خطرناڪ ماڻهو آهن، دهشتگردن جو هڪ گروهه آهي، جنهن کي ختم ٿيڻ گهرجي، توهان هڻو، قتل ڪيو ۽ رياست حرڪت ۾ نه اچي اهو نٿو ٿي سگهي، ڪرمنل مائينڊ ختم ڪرڻ منهنجو، توهان جو ۽ هر پاڪستاني جو فرض آهي نه ته اهڙي باهه لڳندي جو ڪير بچي نه سگهندو.
You might also like