ڪهڙن آءِ فونز ۾ واٽس ايپ نه هلندو؟ تفصيل ڄاڻي وٺو

جيڪڏهن اوهان 10 يا 11 سال پراڻا آءِ فونز استعمال ڪري رهيا آهيو ته ترت بدلائي ڇڏيو، ڇو ته تمام جلد انهن آءِ فونز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، مئي 2025ع کان ڪجهه پراڻن آءِ فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي ويندي.
واضح رهي ته واٽس ايپ کي مسلسل اَپ ڊيٽ ڪيو ويندو آهي ۽ رپورٽ موجب، ڪجهه پراڻن آءِ فونز ماڊلز تي مئي 2025ع کان واٽس استعمال ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو.
هن وقت آءِ فونز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ آءِ او ايس 12 يا ان کانپوءِ وارن آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت هوندي آهي.
پر تمام جلد آءِ او ايس 15.1 يا بعد جي ورزن وارن آءِ فون ماڊلز تي واٽس ايپ استعمال ڪري سگهبو، ان تبديليءَ سبب آءِ فون 5 ايس، آءِ فون 6 ۽ آءِ فون 6 پلس استعمال ڪندڙ واٽس ايپ واهپيدار متاثر ٿيندا ڇو ته انهن ماڊلز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي ويندي، ڄاڻايل ماڊلز آءِ او ايس 12.5.7 جي آپريٽنگ ورزن تي ڪم ڪري رهيا آهن.
ٻين پراڻن آءِ فونز جهڙوڪ آءِ فون 6 ايس يا ان کانپوءِ وارا ماڊلز استعمال ڪرڻ وارن واهپيدارن کي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ آءِ او ايس 15 يا ان کانپوءِ وارن آپريٽنگ سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو ته جيئن هو پيغام رسائيندڙ ايپ جو استعمال جاري رکي سگهن.
هونئن في الحال گهڻي قدر آءِ فونز ۾ آءِ او ايس 15 يا ان کانپوءِ وارا ورزن موجود آهن پر اهڙن پراڻن آءِ فونز جو انگ به تمام وڏو آهي جنهن ۾ پراڻي آپريٽنگ سسٽم جواستعمال ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته واٽس ايپ طرفان يوزر انٽرفيس ۽ پرائيويسي سيٽنگز کي مسلسل بهتر ڪيو ويندو آهي، جنهن لاءِ اهڙا فيچرز متعارف ڪرايا ويندا آهن جيڪي ايپل ۽ اينڊرائيڊ جي تازي آپريٽنگ سسٽمز سان هڪجهڙائي رکندڙ هوندا آهن.
ان کان اڳ واٽس ايپ 24 آڪٽوبر 2022ع تي آءِ او ايس 10 ۽ 11 تي ڪم ڪندڙ آءِ فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.