”عمران خان جي موت جي سازش“ فيصل واوڊا ڇرڪائيندڙ بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ منظم پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته هو پاڻ ايڪس ناهي هلائيندو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته هيءَ اها ئي پروپيگنڊا آهي، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيا آهيون ته بي بي، ان جي ساٿين ۽ قاسم سوري جهڙن ماڻهن خان کي چريو قرار ڏيڻ کان مارڻ تائين جي سازش ڪئي آهي، اهي سڀ گڏجي باني کي اهڙي جاءِ تي ڦاسائڻ چاهين ٿا، جتان ان جي واپسي نه ٿئي.
هن چيو ته گذريل ڏينهن اسٽيبلشمينٽ خلاف ڄاڻي واڻي هڪ ڪِريل ٽوئيٽ باهه لڳائڻ لاءِ لکيو ويو، اهو عمران خان نه پر ٻاهر ويٺل سازشين لکيو.
سندس موجب پي ٽي آءِ باني اندازو لڳائيندي هڪ سٺو ۽ هاڪاري فيصلو ڪيو ته حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ روڊن بدران اسيمبلين جو رُخ ڪيو وڃي، عمران خان جي ايڪس کي وقتي طور تي نظرانداز ڪيو نه ته نقصان ان کان وڌيڪ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.