لاهور (ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيمپيئنز ٽي ٽوئنٽي ڪپ لاءِ ٽڪيٽن جي وڪرو جو اعلان ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ٽڪيٽن جو وڪرو پنج ڊسمبر کان شروع ٿيندو.
چيمپيئنز ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ پنج ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جنهن ۾ قومي ٽيم جي عالمي سطح تي نمائندگي ڪندڙ سپر اسٽارز کانسواءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا.
چيمپيئنز ٽي ٽوئنٽي ڪپ جا مقابلا 7 کان 25 ڊسمبر تائين راولپنڊي ۾ کيڏيا ويندا، ٽڪيٽ آن لائين pcb.tcs.com.pk تان خريدي سگهجي ٿي، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽس راولپنڊي، اسلام آباد جي نامزد ٽي سي ايس آئوٽ ليٽس تي دستياب هونديون.
Prev Post
You might also like