نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات جي شهر سورت ۾ هڪ عورت سياستدان ذهني دٻاءَ سبب آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب 34 ورهين جي دپيڪا پٽيل سورت شهر جي وارڊ نمبر 30 ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي وومين ونگ جي ليڊر هئي، هن مڙس ۽ 3 ٻار سوڳوار ڇڏيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي آپگهات جو ڪو نوٽ ناهي مليو، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي ته دپيڪا اهڙو انتهائي قدم ڇو کنيو.
You might also like