ٻارهين فيل ذريعي شهرت ماڻيندڙ وڪرانت جي فلمن تان رٽائرمينٽ ڪيئي سوال کڙا ڪري ڇڏيا

جيڪڏهن ڪو رانديگر يا ايٿليٽ يا فنڪار پنهنجي ڪيريئر جي عروج تي اوچتو رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ته يقينن اِهو نه رڳو سندس ساٿين ۽ مخالفن کي حيراني ٿيندي پر سندس مداحن کي به اهڙي خبر دنگ ڪري ڇڏيندي.
ايئن ئي بالي ووڊ اداڪار وڪرانت ميسي پنهنجي مداحن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.
وڪرانت ميسي آچر جي ڏينهن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ ذريعي فلمن تان وقفي جو اعلان ڪيو.
اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ فني سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ مداحن، گهڻ گهرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن کي اِهو احساس ٿيو آهي ته هاڻي مڙس، پيءُ، پٽ ۽ اداڪار طور واپسي جو وقت اچي ويو آهي.
هن چيو ته ايندڙ سال اسان هڪٻئي سان هڪ ڀيرو وري آخري ڀيرو ملندا جيستائين صحيح وقت نٿو اچي.
وڪرانت ميسي پنهنجي پوسٽ ۾ اِهو واضح ناهي ڪيو ته هو ڪيتري عرصي لاءِ فلمن تان وقفو وٺي رهيو آهي.
تڪراري بيان ۽ ” پبلسٽي اسٽنٽ“
وڪرانت ميسيءَ جي اوچتي رٽائرمينٽ جي اعلان بعد سندس مداح مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪري رهيا آهن، ڪجهه مداح ساڻس همدرديءَ ۽ حمايت جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڪجهه ان بيان کي ايندڙ فلم لاءِ پبليسٽي اسٽنٽ قرار ڏئي رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدار کيس سندس ماضيءَ ۾ ڏنل هڪ تڪراري بيان لاءِ به ياد ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته وڪرانت ميسي بي جي پي جي حمايت ڪندي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ڀارت ۾ هندن کي حقيقي آزادي ته 2014ع ۾ ملي هئي يعني جڏهن ته نريندي مودي بي جي پي جي نمائندگي ڪندي ڀارت جو وزيراعظم چونڊيو ويو هو.
ماءُ سک، پيءُ عيسائي، زال هندو ۽ ڀاءُ مسلمان آهي: وڪرانت ميسي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف
هلندڙ سال هن پنهنجي نجي زندگي جي رازن تان پردو کڻندي ڪيئي انڪشاف ڪيا هئا، اداڪار وڪرانت ميسي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ 17 ورهين جي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪيو هو.والدين ڀاءَ کي اسلام قبول ڪرڻ کان نه روڪيو، سندن خيال هو ته جيڪڏهن پٽ کي ان مذهب ۾ سڪون ملي ٿو ۽ هو خوش آهي ڀلي اسلام قبول ڪري.
اداڪار چيو ته ڀاءُ پاران اسلام قبول ڪرڻ تي مٽن مائٽن تمام گهڻي واويلا ڪئي ۽ ڪيئي سوال پڻ اُٿيا پر والد صاحب سڀني کي اِهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو ته هي اوهان جو مسئلو نه آهي.
وڪرانت ميسي چيو ته ننڍپڻ کان ئي گهر ۾ مختلف مذهب، روحانيت ۽ عقيدن تي بحث ٿيندي ڏسندو رهيو آهيان، گهر ۾ سدائين ان معاملي تي ڳالهه ٻول ٿيندي رهندي هئي.
اداڪار ٻڌايو ته سندس ماءُ سک ۽ پيءَ عيسائي آهي، گهرواري هندو ۽ هو پاڻ ڪرسچن آهي.
وڪرانت جي رٽائرمينٽ واري فيصلي تي ردعمل
اداڪارا ديا مرزا، اسٽينڊ اَپ ڪاميڊين آڪاش بئنرجي ۽ اداڪارا ايشا گُپتا، وڪرانت جي رٽائرمينٽ واري اعلان تي ردعمل ڏيندي في الحال فلمن تان وقفو قرار ڏنو.
آڪاش بئنرجي سندس پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته ” وڪرانت اوهان ڪڏهن به ري اسٽارٽ بٽڻ دٻائي سگهو، اوهان لاءِ نيڪ خواهشون.“
اداڪارا ديا مرزا لکيو ته ” وقفا سٺا هوندا آهن، اوهان جو ٻيو پاسو وڌيڪ حيرت جوڳو هوندو.“
جڏهن ته ايشا گپتا ايموجي سان گڏ رڳو وڪرانت لکي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو.
انڊيا والي جي ٽوئيٽر هينڊل تان کيس ڀارت جي بهترين اداڪارن ۾شمار ڪندي لکيو ته ” سندس شاندار ڪارڪردگي ۽ بردبار شخصيت لکين دليون کٽي ورتيون آهن. “
ميٽرو ساگا لکيو ويو ته ” هن ٻارهين فيل جي پروموشن دوران هڪ سال اڳ وڪرانت جو انٽرويو ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته هو انڊسٽريءَ مان ڪيترو خوش آهي ۽ هاڻي هن رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.“
ڊاڪٽر ارندم چوڌري لکيو ته ” سندس شرم جوڳي ” هندن کي 2014 ۾ آزادي ملي “ ۽ سپر فلاپ ” سابرمتي ايڪسپريس“ بعد وڪرانت ميسي محسوس ڪيو ته اڪشي ڪمار، ڪنگنا رناوت ۽ انوپم کير وغيرا جنهن شرمساريءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن ان کان بچڻ جو هي واحد رستو آهي.“
سندس هڪ مداح لکيو ته ” اڳڪٿي آهي ته هي سندس ايندڙ پروجيڪٽ جي مارڪيٽنگ جو هڪ طريقيڪار آهي ته جيئن ماڻهن ۾ تجسس پيدا ٿئي ۽ هو فلم ڏسڻ لاءِ ٿيٽر جو رخ ڪن، بعد ۾ هو پنهنجي بيان تي هٿ کڻي ويندو، پريشان نه ٿيو.“
هڪ ٻئي مداح سوال اُٿاريندي لکيو ته ” ڪٿي اِهو سياسي دٻاءُ ته ناهي؟ “
ٻئي پاسي ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڪرانت ڪجهه خطرا درپيش هئا، جن جو هن مختلف موقعن تي ذڪر ڪيو هو، ماڻهن ان کي جان جو خطرو سمجهيو جنهن کي اداڪار رد ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.