شهرين جا 401 ملين کان وڌيڪ جا قرض معاف

گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان ۽ نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ منصور بن زايد آل نهيان 1277 اماراتي شهرين جا قرض معاف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ابوظهبي حڪومت رليف فنڊ ۽ مختلف بينڪن جي سهڪار سان ضرورتمند اماراتي شهرين جا 401 ملين کان وڌيڪ قرض معاف ڪرڻ لاءِ 18 بينڪن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
رليف فنڊ ڪميٽي جي سربراهه ۽ مملڪتي وزير جبر محمد غانم چيو ته حڪومت طرفان متاثر شهرين جي مدد ۽ کين ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي ته جيئن شهرين تي بار گهٽ ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.