مراد سعيد سي ايم هائوس پشاور ۾ روپوش آهي، اتي ئي هن لاش ڪيرائڻ جو منصوبو جوڙيو: عطا تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ اسلام آباد جي احتجاج ۾ مراد سعيد باقاعدي طور تربيت يافته جٿن سان گڏ شريڪ ٿيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته مراد سعيد سان گڏ تربيت يافته جٿا هئا، جن پوليس ۽ رينجرز کي جديد هٿيارن سان نشانو بڻايو.
هن دعويٰ ڪئي ته مراد سعيد وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ روپوش آهي، هن اتي ئي لاش ڪيرائڻ جو منصوبو جوڙيو، سٺو نٿو لڳي ته سندس گرفتاري لاءِ سي ايم هائوس ۾ ڇاپو هڻون.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اجازت نه هئي، اهو غير قانوني احتجاج هو، غير قانوني احتجاج تي خيبر پختونخواهه حڪومت جا ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا، پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ افغاني به شريڪ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.