پيٽ ۽ وزن گهٽائڻ جا ٻه آزمايل نسخا!

وڌيل وزن ۽ پيٽ جيترو صحت لاءِ نقصانڪار هوندو آهي اوترو ئي ماڻهو جي شخصيت کي متاثر ڪري ٿو، وڌيل وزن ۽ وڌيل پيٽ جي ڪري مرد خاص ڪري عورتون گهڻو پريشان رهنديون آهن، اسان اهڙي مسئلي جي لاءِ ٻه اهڙا نسخا آندا آهن جيڪي وزن گهٽائڻ ۽ وڌيل پيٽ کي اندر ڪرڻ لاءِ آزمايل فائدن وارا آهن.

بنا دير ٻڌايون ٿا ٻئي نسخا جن کي استعمال ڪري فائدا ماڻي سگهجن ٿا.

پهريون نسخو

ڦودنو هڪ چمچو

ڪلونجي هڪ چمچو

ديسي جاڻ هڪ چمچو

ڪارو جيرو هڪ چمچو

وڏڦ هڪ چمچو

ننڍا ڦوٽا هڪ چمچو

هڪ سڀ شيون پيهي پائوڊر ٺاهي وٺو پوءِ اهو پائوڊر هر کاڌي کائڻ کانپوءِ اڌ چمچو کائي ڇڏيو يا وري ان چمچو ڦَڪي ڇڏيو. اها ڦڪي ٿوري ئي ڏينهن ۾ توهان جو وزن گهٽائي ڇڏيندي ۽ پيٽ کي اندر ڪري ڇڏيندي.

ٻيو نمبر نسخو

ايلو ويرا جيل ٻه چمچا

سائي ڌاڻن جا پن ٻه چمچا

هڪ عدد ڇليل کيرو

سنڍ هڪ انچ جو ٽڪرو

هڪ ليمي جو رس

اهي سڀ شيون هڪ ڪوپ پاڻي سان گڏ بلينڊ ڪيو ۽ رڳو هڪ چمچو ڪلونجي گڏائي صبح جي وقت ناشتي کان هڪ ڪلاڪ اڳ پي ڇڏيو. اهو نسخو رڳو ٽي ڏينهن استعمال ڪيو توهان جو وزن گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ توهان جو پيٽ به اندر ٿيڻ شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.