اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (وي پي اين) جي بندش جو خطرو في الحال ٽري ويو.
حڪومت وي پي اين جي رجسٽريشن جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزا فاطمه چيو ته حڪومت محفوظ ڪميونيڪيشنز جي ضرورت کان چڱي ريت واقف آهي.
هن چيو ته وي اين جي ايڪٽيويشن ۽ استعمال جو عمل وڌيڪ آسامن ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون، وي پي اين جي ايڪٽيويشن جي عمل تائين صورتحال جيئن جو تيئن رهندي.
Next Post
You might also like